خط، انٽرويو، تقريرون (ڪتاب) ڀاڳو 1

خط، انٽرويو، تقريرون (ڪتاب) ڀاڳو 1

خط، انٽرويو، تقريرون (ڪتاب) ڀاڳو 2

خط، انٽرويو، تقريرون (ڪتاب) ڀاڳو 2

خط انٽرويو تقريرون

خط، انٽرويو، تقريرون (ڪتاب): هيءُ ڪتاب جديد سنڌي شاعريءَ جي اهم ترين نمائندي شيخ اياز جي انٽرويوئن، خطن ۽ تقريرن تي مشتمل آهي، جنهن جو تفصيلي مهاڳ ناليواري اديب رشيد ڀٽيءَ لکيو آهي. ڪتاب جي پهرئين ڀاڱي ۾ شيخ اياز جا ٽي خط: انٽيليڪچوئل ۽ انقلاب، هائڪو ۽ سنڌي شاعريءَ جو مزاج ۽ ’جي مان مران بند ۾‘، سندس ٽي انٽرويو ۽ 22 تقريرون شامل آهن، جن جا عنوان هن ريت آهن: سامي سڄ وڙاءُ، انڌيري ۾ سويري جي آس، اي ڪاش اهو تون ڄاڻين ها، سچل سرمست جي عظمت، ادب جو نئون ۽ پراڻو نظريو، سنڌي شاعريءَ جو مزاج، لوڪ ادب، سنڌ جي نفسيات جو آئينو، شاهه جي شاعريءَ جا ٻه پاسا، مولانا رومي ۽ شاهه لطيف، چرخي چت نا لڳدا ۽ ٻيا موضوع شامل آهن. 344 صفحن تي مشتمل هن ڪتاب جو پهريون ڇاپو، جولاءِ 1987ع ۾، ٻيو ايڊيشن 1999ع ۾ نيوفيلڊس پبليڪيشن، ٽنڊي ولي محمد ڇپائي پڌرو ڪيو.
ڪتاب جي ٻئي ڀاڱي ۾ شيخ اياز کان نصير مرزا جو ورتل انٽرويو؛ فقير محمد لاشاري کي اياز جو ڏنل انٽرويو ۽ ڊاڪٽر فهميده حسين جو مخصوص انداز ۾ ورتل انٽرويو شامل آهن. ڪتاب جي هن ڀاڱي ۾ پڻ ٽي خط ۽ 18 تقريرون شامل آهن. ان کانسواءِ محمد عثمان ڏيپلائيءَ تي خاڪو ’منهنجو محسن‘، نند جويريءَ جي ڪتاب ’چؤواٽي‘ جو مهاڳ، اياز گل جي شعري مجموعي جو مهاڳ، بدر ابڙي جي ڪتاب ’جيل جي ڊائري‘ تي مهاڳ شامل آهن. 257 صفحن تي مشتمل هن ڀاڱي جي قيمت 150 روپيا آهي. هن ڀاڱي جو پهريون ڇاپو اپريل 1991ع ۽ ٻيو ايڊيشن 1999ع ۾ نيو فيلڊس پبليڪيشن، ٽنڊي ولي محمد، حيدرآباد ڇپائي پڌرو ڪيو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو